انجمن حسيني

انجمن حسيني: سکر پراڻيءَ ۽ سکر نئينءَ ۾ انجمن حسينيءَ جي نالي سان ٻه انجمنون آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
سکر پراڻيءَ جا معصومي ۽ ميرڪي سادات، اڪثر شيعا آهن، جن 1901ع ۾ ”انجمن حسيني“ قائم ڪئي ۽ هر جمعرات امام بارگاهه ۾ مجلسون ڪندا رهيا. سيد علي شاهه معصومي انجمن جو انتظام ڪندو هو.
سکر نئينءَ ۾ به 1901ع ۾ سيد قائم علي شاهه واري پڙ تي، هيءَ انجمن قائم ٿي. سندس وفات کان پوءِ پٽس نورمحمد شاهه انجمن کي زنده رکندو آيو، ليڪن وٽن ڪا مستقل امام بارگاه ڪانه هئي. پر جڏهن کان آغا حسن علي پبلڪ پراسڪيوٽر ٿيو، تڏهن سندس ڪوشش سان تڙ ڪوارٽر ۾ ميونسپل طرفان پلاٽ ڏنو ويو، جتي هاڻوڪي امام بارگاهه تعمير ٿي آهي.


لفظ انجمن حسينيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو